ديبلي ابو جعفر محمد بن ابراهيم

ديبلي، ابو جعفر محمد بن ابراهيم: ابو جعفر محمد بن ابراهيم ديبلي مڪي، ديبل جو پهريون عالم آهي، جيڪو حديث جي اعليٰ تعليم لاءِ ٻاهر ويو ۽ مڪي مڪرمه ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪيائين. هن مڪي شهر جي ڪن مشهور محدثن کان تعليم حاصل ڪئي ۽ اتي رهي حديث جو درس ڏيڻ شروع ڪيائين. ابو الحسن احمد بن ابراهيم بن فراس مڪي، ابو الحسن محمد بن محمد الحجاج (وفات: 978ع) ۽ محمد بن ابراهيم المرقي (وفات: 991ع) کانئس حديثون روايت ڪيون آهن. ابو جعفر محمد بن ابراهيم ديبلي جو اهم ڪارنامو مڪاتيب النبي جي ترتيب آهي. پاڻ سڳوري صلي الله عليه وسلم جي خطن جو هي پهريون مجموعو آهي. هيءُ حديث جي عالم سان گڏ تفسير جي علم جو عالم به هو. ابن عينيه جي ’ڪتاب التفسير‘ جو درس سندس شاگرد عبدالرحمان المخزومي (وفات: 863ع) کان ۽ ابن المبارڪ جي ڪتاب ’البرو الصله‘ جو درس سندس شاگرد حسين المروزي (وفات: 856ع) کان ورتائين. حديث جي تعليم مڪي جي محدث محمد بن زنبور، عبدالحميد بن صبيح، ابوالحسن احمد بن ابراهيم مڪي ۽ ابوبڪر محمد بن ابراهيم مصري کان حاصل ڪيائين. جمادي الاول 322هه/ 933ع ۾ مڪي ۾ وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو